نندو (ن پ ا) نندو پوليس ڳوٺ سلطان کوسو سميت مختلف هنڌن تي ڪچي شراب جي ڀٺين، سفينا، گٽڪو وڪرو ڪندڙن  تي ڇاپا هڻي چئن جوابدارن رفيق ٿيٻو ،عبدالڪريم کوسو ،بادو ملاح کي گرفتار ڪري 240لٽر ڪچو شراب ء شراب ٺاھڻ جو سامان ، 10پيڪٽ سفينا گٽڪي جا ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڇهن جوابدارن تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل .