ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا)  پيارو ۾ بينڪ ٻاهران بيواهن عورتن کان پينشن جون پگھارون 46900  شاھينگ ٺڳي ويو ، پيارواسٽيشن جي نيشنل بينڪ ٻاھران پينشن وٺي ويندڙ ڳوٺ سچارو برھماڻي جي رھواسين 2 پيرسن بيواھن عورتن مسمات حميده برھماڻي ۽ مسمات نبابي برھماڻي کان شاھينگ پينشن جا پئسا 46900 ٺڳي فرار ٿي ويو ، بيواه پيرسن عورتون ميڊيا اڳيان هنجون هارينديون رهيون ،اطلاع باوجود پوليس نه پھتي، بيواه عورتن روئيندي ٻڌايو ته بينڪ مان پينشن وٺي نڪتيوسين ته شاھينگ نوٽ جعلي هجڻ جو ڪوڙ هڻندي چيو ته پگهارن ۾ بينڪ وارا ڪوڙا نوٽ ٿا ھلائن پيا ، پئسا مونکي ڏيو ته چيڪ ڪرائي ڏيان ، جنهن کي اسان پيسا ڏنا شاهينگ نوٽ چيڪ ڪرڻ جو چئي اسان جا سمورا پئسا کڻي ٺڳي گم ٿي ويو، اسان پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس نه پھتي، غريب مسڪين آھيون پينشن تي گھر جو گذرسفر ٿيندو آھي سابه ٺڳ کڻي ويو، غربت ۽ مهانگائي سبب اڳ ئي پريشان هياسين مٿان عيد جو موقعو آھي اسين ھاڻي ٻچڙن کي عيد جا لٽا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڪيئن وٺي ڏئي سگهنداسين ، بيواه عورتن ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کان گهر ڪئي ته ڦر ڪيل رقم  واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔