حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي اردو ٻولي ۾ اجاگر ڪندڙ اردو ادب جو ناميارو اديب، نثر نويس، ليکڪ ۽ سينيئر صحافي شبير احمد تابش 56 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شبير احمد تابش ڪجهه وقت کان گڙدن ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا هو، کيس علاج لاءِ حيدرآباد جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، شبير احمد تابش 13 آگسٽ 1965ع ۾ حيدرآباد جي سرفراز ڪالوني واري علائقي ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي تعليم حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان حاصل ڪئي، سندس والد نصير الدين حيدرآباد اسڪائوٽس جو ڪارڪن هو، شبير احمد تابش اردو ٻولي جي سڀ کان وڏي اخبار ۽ ان جي مئگزين ۾ سنڌ جي تاريخ، تاريخي ماڳن مڪانن، آستانن، تاريخي عمارتن، شهرن، ڳوٺن ۽ ميلن ملاکڙن تي تمام وڏو تحقيقي ڪم ڪيو ۽ شاندار فيچرز لکي سنڌ جي علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ملڪ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اجاگر ڪيو، هن موهن جو دڙو، ٿرپارڪر، نيشل کيرٿر پارڪ ۽ گورک هل اسٽيشن سميت مختلف ٻين تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن تي به انيڪ فيچر لکيا، هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان به سلهاڙيل رهيو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مختلف پروگرامن ۾ سنڌ جي حوالي سان ڊاڪيومينٽريز ۽ فيچر تحرير ڪيا، هن ڪجهه وقت اڳ هڪ وڪيلياڻي سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ڪو اولاد نه ٿيو ۽ سندس گهرواري به 2 سال اڳ انتقال ڪري وئي هئي. شبير احمد تابش جي جنازي نماز درگاهه ميان سرفراز ڪلهوڙو ڀرسان جامع مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ صحافين، علمي ۽ ادبي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ سندس مڙهه کي پٺاڻ ڪالوني واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.