جيڪب آباد/مبارڪپور (نمائندن وٽان) مبارڪپور ۾ معصوم ٻارڙن تان موت جو راڪاس نه ٽريو، ارڙي ۾ مبتلا 4 ورهين جي نينگري فوت، خبر موجب ڳوٺ حاجي ميهار خان شر جي رھواسي پورهيت خالد حسين چاچڙ جي 4 ورهين جي نياڻي راشدان چاچڙ ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، هوڏانهن ارڙي وبا ڦھلجڻ جو عالمي اداري ڊبليو ايڇ او نوٽيس ورتو، سندس ٽيم جي ميمبرن محمد فيضان ۽ حسن عمراڻي جيڪب آباد پھچي ڊي ايڇ او سان گڏجاڻي ڪئي ۽ مختلف علائقن جو دورو ڪيو. ڊبليو ايڇ او جا عملدار توڙي ڊي ايڇ او ڪارڪردگي سڌارڻ بدران ميڊيا تي ڪاوڙجي پيا ۽ صحافين کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ورتو. ان سلسلي ۾ ڊبليو ايڇ او سکر جي عملدار حسن عمراڻي ٻڌايو ته جيڪب آباد ۾ ارڙي وبا سبب ٻارن جو ايتريون فوتگيون ناھن ٿيون، ھن چيو ته ميڊيا ۾ جنهن ٻارن جي فوت ٿيڻ جون رپورٽون شايع ٿيون آهن پر انھن جي وارثن ارڙي نه بلڪي ٻين بيمارين ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ جو ٻڌايو آهي. ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالغفار رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 10 آهي، باقي ميڊيا وارا انگ اکر وڌائي پيش ڪري رهيا آهن.