ناري جون اعتراض جوڳيون تصويرون وائرل ڪرڻ وارو ڪيس: جوابدار جو عدالت سان رابطو

0
261

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ناري جون اعتراض جوڳيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار عدالت سان رابطو ڪري ورتو، گرفتار جوابدار سيد ياسر حسين طرفان مقامي عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل، عدالت ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته متاثر ناري جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي، جوابدار ياسر حسين کي ٽريس ڪرڻ بعد ملينيم مال مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار پنهنجي دوست کي اعتراض جوڳين تصويرن تي بليڪ ميل ڪري رهيو هو.