پنهنجي سائنس ڪائنات ۾ سيارن جا قسم، تعداد ۽ زندگي جو وجود

0
383

ڪنهن ڏاهي سائنسدان جو قول آهي ته جي هيڏي ساري وسيع ڪائنات ۾ انسان ئي اڪيلي باشعور مخلوق آهي ته اها هڪ خوف واري صورتحال آهي ۽ جيڪڏهن اسان جهڙي ٻي ڪا ذهين مخلوق آهي ته به اها هڪ خوفناڪ ڳالھه آھي. هڪ فٽ جي پٿر ۾ جيترا ائٽم هوندا آهن اهي پوري ڪائنات ۾ موجود ستارن کان وڌيڪ آهن. پوري زمين تي جيترا واري جا ذرا آهن انهن کان وڌيڪ ڪائنات ۾ ستارا آهن. هاڻي پاڻ حساب لڳايو ته جڏهن لڳ ڀڳ هر ستاري سان گڏ سيارا به هوندا آهن ته سيارا ڪيترا ٿيندا، ڪي سيارا مڪمل گيس جا ٺهيل آهن جئين مشتري ۽ زحل، ڪي سيارا زمين، زهره ۽ مريخ جهڙا آهن، ڪي سيارا پنهنجي ستاري جي بلڪل ويجهو هجڻ ڪري دوزخ جو مثل آهن، ڪي سيارا مڪمل طور تي پاڻي سان ڍڪيل آهن، ڪجهه سيارن تي پگهريل شيشي جا مينهن وسندا آهن، ڪن سيارن تي تيزاب جا مينهن وسندا آهن جئين زهره، ڪن سيارن جي ڪور هيري جي ٺهيل هوندي آهي، ڪي سيارا مڪمل برف جا گولا هوندا آهن ڪي سيارا اهڙا به هوندا جن جي بناوت جي شايد اسان کي اڃا تائين خبر به نه هجي. ڪيپلر دوربين جنهن جو هڪ ئي ڪم هيو ته اسان جي پنهنجي گيليڪسي ۾ زمين جهڙا سيارا ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيترا آهن. ڪيپلر دوربين جي کوجنا مطابق زمين کان ٽي سئو نوري سال پري هڪ ستارو آهي جنهن جو نالو ڪيپلر 1679 (Kepler – 1649) آهي. هن ستاري جو ٽيون نمبر سيارو Kepler 1649C هن وقت تائين زمين سان مڪمل هڪجهڙائي رکندڙ سيارو آهي مليو آهي. سائنسدان هن سياري تي زندگي جا اهڃاڻ معلوم ڪري رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته هتي ڪنهن نه ڪنهن فارم جي لائف موجود هجي. زمين جهڙا سيارا ڳولڻ لاءِ تمام تيزي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪم هلي پيو، هي اڪيلو ئي زمين جهڙو سيارو نه آهي پر هزارين اهڙا سيارا ملي چڪا آهن. رهي ڳالهه زندگي جي جاچ لهڻ جي ته، ائين سمجهو ته صرف ڪجهه سالن جو ئي سفر آهي ۽ انسان يقين سان ٻڌائي سگهندو ته ڪهڙي سياري تي زندگي جو وجود موجود آهي.
(الفت حسين پتافي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)