سکر (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽيءَ سان تعلق کندڙ صوبائي اسيمبليءَ ميمبر نادر مگسي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر مگسي متعلق نيب سکر 2008 کان 2013 تائين قمبر شهداد ڪوٽ جي ترقياتي منصوبن جو رڪارڊ ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ کان طلب ڪيو ھو، نيب ذريعن موجب ايم پي اي مير نادر خان مگسي قمبر شهدادڪوٽ جي ترقياتي منصوبن لاءِ 2 ارب رپيا جھل مگسي منتقل ڪيا، ٻه ارب رپين جا ترقياتي منصوبا ڏنا من پسند ماڻهن کي ڏنا، سال 2010ع واري ٻوڏ ۾ تباھ ٿيل روڊن جو ٺيڪو بلاول شيخ ۽ پرس رام کي ڏنو. 2008 کان 2013 تائين قمبر شهداد ڪوٽ لاءِ 850 ملين رپيا آيا، اهي ڪيڏانهن ويا، ڪٿي خرچ ٿيا نيب اِن متعلق جاچ ڪري رھي آھي. نيب سکر طرفان طرفان ايم پي اي نادر خان مگسي ۽ ايم اين اي عامر خان مگسي جي ڄاڻايل عرصي دوران ترقياتي ڪمن توڙي مٿي ڄاڻايل ٻنھي ٺيڪيدارن کي مليل ٺيڪن جا تفصيل پڻ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان طلب ڪيا ويا ھئا، نيب ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ڪنڌڪوٽ قمر رضا بلوچ نيب سکر طرفان طلب ڪرڻ تي ڪالھ نيب آفيس سکر پھتو، نيب ذريعن موجب ترقياتي منصوبن متعلق رڪارڊ نيب آڏو پيش ڪيو ويو ۽ ڪجھه رڪارڊ متعلق نيب کان مھلت پڻ گھري وئي. اِن ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمورڪنڌڪوٽ سان ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا رابطو ڪري موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ساڻس رابطو نه ٿي سگھيو.