ميرپورخاص (رپورٽ:وارث خاصخيلي) ميرپورخاص ۾ زھريلي شيءِ کائڻ سبب پورھيت جا 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، امڙ ۽ والد کي بيهوشيءَ جا دورا. ميرپورخاص جي علائقي ڍولڻ آباد ۾ پورھيت ذاڪر آرائين جون گلن جھڙيون 2 معصوم نياڻيون 6 ورھين جي اقصي’ ۽ 4 ورھين جي زنيدا فاطمه ۽ ھڪ پٽ ٻن ورھين جو پٽ محمد ھادي زھريلي شيءِ کائڻ سبب فوت ٿي ويا. سندن امڙ ۽ والد کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا، سندن گھر ۾ ڪھرام متل آھي. ٽنھي ٻارڙن جي سمورين رسمن بعد سندن مڙھن کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، دل کي ڏکوئيندڙ واقعي سبب ڍولڻ آباد واري علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي غريب آباد پوليس ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته معصومن جي پوسٽ مارٽم لاءِ وارثن کي چيو ويو پر سندس وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نه ڏنو، جنهن سبب وڌيڪ ڪارروائي ناھي ٿي سگهي، وارثن پاران ڪا زھريلي شيءِ کائڻ سبب واقعو پيش اچڻ جو چيو ويو. ٻئي طرف معصوم ٻارڙن جي مامي ۽ چاچي ٻڌايو ته معصوم ٻار پنهنجي امڙ ۽ والد سان گڏ ناني وٽ گھر ويل ھئا، جتان واپس موٽندي ئي رات دير سان 8 ڪلفيون ورتيون ھيون ۽ انھن جي کائڻ بعد گھر ۾ پيل کير پيتو ھو ۽ صبح جو طبعيت خراب ٿي وئي، جن کي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو جتي ھڪ معصوم نياڻي فوت ٿي وئي ۽ ھڪ پٽ ۽ نياڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران ھنن به دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڊاڪٽرن پاران به زھريلي شيءِ کائڻ جو ٻڌايو پيو ويو.