نئون ديرو(رپورٽ: نور محمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ سانول جروار ۾ ڪتي ڏاڙهيل  نائين ڪلاس جو شاگرد 15 ورهين جو صدام جروار فوت ٿي ويو، چاچي ساجد جروار پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته صدام کي 29 مارچ تي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو هو، جنهن کي ڳڙهي خدابخش ڀٽو اسپتال بعد لاڙڪاڻي کڻي وياسين جتي کسي ويڪسين لڳائي وئي هئي. هن الزام هڻندي چيو ته صدام کي ڪتي جي چڪ کان بچاءُ واري لڳايل ويڪسين مدي خارج هئي يا بي اثر ان جو هائڊرو فوبيا وائرس تي اثر نه ٿيو ۽ صدام جسم ۾ هائڊرو فوبيا جو وائرس وڌڻ ڪري فوت ٿي ويو.  هن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.