اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري معاشي بحران جو سبب پاور سيڪٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاور سيڪٽر ۾ 500 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته ٽن هفتن ۾ اداري جي ڪمزورين جو جائزو ورتو ويو آهي، پاور سيڪٽر جو خسارو 560 ارب رپين تائين آهي، اسان پاور سيڪٽر لاءِ سڌارا تيار ڪيا آهن. هن چيو ته بجلي چوري ۾ آفيسر به ملوث آهن، بجلي چوري کي روڪڻ ۾ سهڪار ڪرڻ تي اسان ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت جا شڪر گذار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪروڙين رپين جا اضافي بل موڪليا وڃن ٿا، سڄي ملڪ مان ڪنڊا سسٽم ختم ڪيو ويندو، هاڻي بجلي چورن تي رحم نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان جو ڀاءُ ميپڪو بورڊ ۾ آهي؟ جنهن تي اويس لغاري جواب ڏنو ته منهنجو ڀاءُ به نه رهندو. توانائي واري وزير چيو ته پاور ڪمپنين کي هلائڻ حڪومت جو ڪم ناهي، انهن ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻو پوندو، ڳالهيون جاري آهي، پاور ڪمپنين جا بورڊ غير سياسي هوندا. حڪومت جون رڳو ٻه جنريشن ڪمپنيون ننديپور ۽ گڊو هلن ٿيون باقي بند آهن، ساڍا 7 ارب رپيا سالياني پگهارون ان بند پيل ڪمپنين جي ملازمن کي ڏنيون وڃن ٿيون، وفاقي وزير چيو ته محفوظ صارفين کي 260 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ به 170 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، صارفين تي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جا 1900 ارب رپيا بقايا آهن، جڏهن ته سرڪاري ادارن جون بقايائون گهٽ آهن. هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف جي صلاح تي ڪجهه نه ٿا ڪريون، اسان جو هاڻوڪو قرض 2400 کان 2500 ارب رپين جي وچ ۾ آهي ۽ قرض گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.