اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  پي ٽي آءِ جي سربراهه بيريسٽر گوهر خان چيو آهي ته آصف زرداري جي تقرير کي 21 توپن جي احتجاج جي سلامي پيش ڪئي، زرداري کي تقرير اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، اڄ جو ڀرپور احتجاج اسان جو حق هو، اسان آصف زرداري کي صدر نٿا مڃون، صدر وزيراعظم پوري ڪابينا ئي غيرقانوني آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي بيريسٽر گوهر  وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۾ اڄ هڪ غيرقانوني صدر جو خطاب ٻڌو، آصف زرداري غيرقانوني صدر آهي، وٽن عوامي نمائندگي نه آهي، هن چيو ته صدر هڪ سياسي پارٽي جي سربراهه جو به ڪم ڪري رهيو آهي، ڇا عارف علوي ڪڏهن سياسي سرگرمين ۾ ويو هو؟ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته صدر آصف زرداري پ پ چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ نه ڏني آهي، اسان کيس قانوني صدر نٿا سمجهون