غزه .(مانيٽرنگ ڊيسڪ) غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج ٻن ڏينهن دوران چاليهه کان وڌيڪ جاين تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. شهيدن جو ڪل انگ 34 هزار ٿي ويو آهي. الشفاع اسپتال  جي سامهون هفتي اندر ٻي اجتماعي قبر ملي آهي، جنهن مان 13 ڄڻن جا تشدد ٿيل ۽ هٿ پير ٻڌل لاش مليا آهن. اسرائيلي فوج مارچ ۾ 10 ڏينهن جي گھيري دوران الشفا اسپتال ۾ وڏي پيماني تي تباهي آندي هئي جنهن ڪري گڏيل قومن جي اداري اسپتال کي قبرستان قرار ڏنو هو.  ٻئي پاسي لبناني ويڙهاڪ تنظيم حزب الله اسرائيلي فوج تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 14 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا آهن. گوگل اسرائيلي حڪومت سان معاهدي خلاف احتجاج ڪندڙ 28 ملازمن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. گوگل ملازمن ڪيليفورنيا هيڊڪوارٽرز ۽ نيويارڪ ۾ مظاهرا ڪيا هئا.