تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڇنڇر واري رات ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ اسرائيل جي ديمونه ايٽمي ري ايڪٽر کي سڌي ريت نشانو بڻايو ۽ ان ۾ ڪامياب به رهيو. اسرائيلي اخبار موجب اسرائيلي فوج جي فضائي دفاعي نظام ايران جا 99 سيڪڙو نه 84 سيڪڙو حملا ناڪام بڻيا. اخبار چيو آهي ته سيٽلائيٽ تصويرن موجب ديمونه ري ايڪٽر تي هڪ حملو سڌي ريت ٿيو،جڏهن ته ٻه حملا ڀر پاسي ۾ ٿيا. ان کان سواءِ نقب ريگستان ۾ اسرائيلي فوجي اڏي تي چار ايراني ميزائل ڪريا، اڏي ۾ ڪرندڙ ايراني ميزائلن جو ملبو مليو آهي، جڏهن ته اسرائيلي دفاعي نظام انٽرنسيپٽر ميزائلن جي ڪا باقيات ناهي ملي. هوڏانهن ايران جي اسرائيلي تي حملي کان پوءِ برطانيا ۽ آمريڪا ايران جي مختلف ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين تي پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب ايران جي 16 شخصيتن ۽ 2 ڪمپنين تي پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. انهن ڪمپنين اسرائيلي تي  حملي ۾ استعمال ٿيندڙ ڊرونز جون انجڻيون ٺاهيون هيون. ٻئي پاسي برطانيا جو چوڻ آهي ته ايراني 7 شخصيتن ۽ 6 ڪمپنين تي پابندي هنيئي آهي، انهن ماڻهن ۽ ڪمپنين جو تعلق ايراني ميزائل ۽ ڊرونز ٺاهيندڙ صنعتن سان آهي. يورپي يونين ۽ جي 7 ملڪن به ايران تي نئيون پابنديون هڻڻ تي غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو آهي.