نئين ديري شهر ۾ ڏيڍ ڪروڙن جي چوري، هڪ شڪي گرفتار

0
358
حيدرآباد پوليس وڌيڪ

نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو شهر جي ٽيڪسي اسٽينڊ لڳ زميندار نذير ابڙو جي گهر مان نامعلوم چورن گهر جي دروازن جا ڪنڊا ڪٽي گهر اندر الماڙين جي ڀڃ ڊاھ ڪري الماڙين ۾ رکيل 70 تولا کان وڌيڪ سونا زيور، ٻن نياڻين جي ڏاج جو سامان ۽ روڪ رقم سميت ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي چوري ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. گهر جا دروازا کليل ڏسي محلي واسين گهر ڌڻيءَ کي فون تي اطلاع ڪيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته گهر ڌڻي نذير ابڙو جو سالو هڪ ڏينهن اڳ نئون ديرو ڀرسان ڀونڀٽ پور ۾ فوت ٿي ويو هو جنهن جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ هو گهر ڀاتين سميت ويل هو ۽ گهر خالي هيو. ٻئي پاسي اهڙو اطلاع گهر ڌڻي جي پهچڻ بعد پوليس کي ڏنو ويو جنهن بعد پوليس پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪري لاڙڪاڻي کان فنگر پرنٽس ماهر فارينزڪ ٽيم کي گهرايو ويو جيڪا جاءِ واردات تان شاهديون گڏ ڪري رهي آهي. پوليس موجب چوري واقعي جي جيئوفينسگ ذريعي به ڪرائي ويندي ته جيئن ڇورن تائين آسانيءَ سان پهچي سگهجي. ان ڏس ۾ پوليس 5 ڄڻن کي چوري شڪ هيٺ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او شاهد ميمڻ جو چوڻ آهي ته گهر ڌڻي جي اطلاع کانپوءِ فرازنڪ ٽيم گهرائي آهي جڏهن ته گهر ڀاتي موجود نه هجڻ سبب چوري بو ڪاٿو نه لڳائي سگهيا آهيون. ٻئي پاسي گهر ڌڻي نذير ابڙو چيو ته ٻن نياڻين جي عيدالاضحيٰ بعد شادي رٿيل هئي جن جو ڏاج جو سامان ۽ سونا زيور گڏ ڪيا هئا جيڪو گهر ۾ پيل سون سميت لڳ ڀڳ 70 تولا سونا زيور ٿيندا. ٻئي پاسي نئون ديرو شهر اندر ڪافي عرصي کان بدامنيءَ ۾ اضافو ٿي ويو آهي جنهن ڪري شهرين جو جان ۽ مال غير محفوظ بڻيل آهي. روزانو احتجاج به ٿيندا رهن ٿا پر هن وقت تائين پوليس جي اعليٰ اختيارين پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي.