جسم چيئرمين رياض چانڊيو سوڌو 9 اڳواڻن جي چرپر تي پابندي

0
661

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسم چيئرمين رياض چانڊيو سوڌو 9 اڳواڻن جي چرپر تي پابندي، گهرو کاتي جيئي سنڌ محاذ اڳواڻن جا نالا فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪري ڇڏيا، جسم اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي، غلام نبي ڪيٽي، عزيز الله ڀٽو، اياز علي، اختر حسين، ممتاز علي، عبدالغفار ۽ عابد ميمڻ جا به نالا فورٿ شيڊول ۾ شامل، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سي ٽي ڊي طرفان فورٿ شيڊول ۾ شامل اڳواڻن جي گهرڀاتين جي ملڪيتن جو جائزو ورتو ويندو، رياض چانڊيو سوڌو 9 اڳواڻن جي هٿيارن جا لائسنس رد ڪري ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون، پابندي لڳل اڳواڻ پوليس کي لکت ۾ اطلاع ڏيڻ بنا نه چرپر ڪري سگهندا ۽ نه ئي گڏجاڻيون ڪندا، رياض چانڊيو سوڌو جسم جي 9 اڳواڻن جا نالا ٽن سالن تائين فورٿ شيڊول ۾ شامل رهندا.