ناديا خان ڌيءَ جو ذڪر ڪندي ڇو جذباتي ٿي وئي؟

0
415

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل معروف ميزبان ۽ اداڪارا ناديا خان پنھنجي ڌيءَ عليزي متعلق ڳالھائيندي روئڻ ھارڪي ٿي وئي، سرڪاري ٽي وي جي پروگرام جي ميزباني ڪندڙ ناديا خان جي شو ۾ ھُن جي ڌيءَ شرڪت ڪئي، شو دوران ناديا ٻڌايو تھ ان جي ڌيءَ عليزي جلد ئي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪينيڊا وڃي رھي آھي، ھوءَ چاھي ٿي تھ عليزي پاڪستان ۾ ئي رھي ڪري تعليم مڪمل ڪري، ناديا خان موجودا حالتن کي نظر، ڪورونا ۽ اسلامو فوبيا متعلق پنھنجا خدشا ظاھر ڪيا ۽ چيو تھ وڏي ڪوشش ڪئي تھ ھوءَ ٻاھر نھ وڃي.