لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ گذريل رات پيل برسات بعد روڊ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا

0
422

لاڙڪاڻو/ سکر(نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات پيل برسات بعد شھر جو برو حال ٿي ويو، ھنڌ ھنڌ برسات ۽ ڊرينيج جو پاڻي بيھجي ويو ۽ شھر جا مختلف روڊ تلائن جا ڏيک ڏيڻ لڳا آهن، شھر جو ايس ايس پي چوڪ، وي آءِ پي روڊ، سول اسپتال، جناح باغ، موبائل مارڪيٽ، جيلس بازار سميت ٻين ھنڌن تي پاڻي بيھجي ويو، رات کان وٺي بجلي بند ھجڻ سبب ويتر ڊرينيج جو پاڻي به روڊن تي جمع ٿي ويو، جنهن ڪري شھري سخت پريشان ۽ انتظاميا غائب ٿي وئي، ٻئي پاسي موسميات کاتي مطابق 42 ملي ليٽر برسات پئي آهي، هوڏانهن سکر ۾ به گذريل رات ٿيل برسات جو پاڻي مصروف ترين روڊن ۽ رستن تي بيهجي ويو، ريلوي اسٽيشن، پراڻي سکر، نيوپنڊ سميت مختلف علائقن ۾ تلائن جي صورت ۾ پاڻي بيٺل آهي، برساتن دوران هر ڀيري پاڻي بيهجڻ باوجود انتظاميا جوڳو قدم نه کنيو، برسات پوڻ سبب ميونسپل ڪارپوريشن ۽ پبلڪ هيلٿ جي پت وائکي ٿي وئي، برسات جو پاڻي بيهجڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.