لنڊن (دلچسپ نيوز) سام سنگ پنهنجي فليگ شپ گليڪسي ايس 21 سيريز جو هڪ نئون ۽ سستو اسمارٽ فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.گليڪسي ايس 21 ايف اي (فين ايڊيشن) جي پهرين جهلڪ آڏو آئي آهي جنهن ۾ ان جي ڊيزائن ڏسي سگهجي ٿي.تصوير ۾ گليڪسي ايسي 21 جهڙو ڪيمرا سيٽ اپ بيڪ تي ڏسي سگهجي ٿو پر رئير ڪيمرا پينل بيڪ ڪور جي رنگ جهڙي آهي.گليڪسي ايس 21 ايف اي ۾ 6.4 انچن جو فليٽ پينل اموليڊ ڊسپلي موجود آهي.فون ۾ فرنٽ تي هڪ ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن ۾ هوندي جڏهن ته بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ هوندو.بيڪ ڪيمرا سيٽ اپ 12 ميگا پڪسل مين، 64 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ۽ 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرائن تي گڏيل هوندو جيئن گليڪسي ايس 21 ۾ موجود آهي.هن ڀيري سام سنگ طرفان ان فارمول کي ايف 21 ايف اي تي به آزمايو ويندو جنهن جي قيمت 700 ڊالر (1 لک 6 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) هجڻ جو امڪان آهي.