نئون ديرو (ن پ ا) ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي زمينن ۾ پيل  ڪڻڪ جي ديري کي نامعلوم شرپسندن باهه ڏئي ڇڏي، جنهن ڪري 12 جريبن تي مشتمل ڪڻڪ جي فصل جو ديرو سڙي خاڪ ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي پيرا کڻايا، جيڪي ڪچي جي ڳوٺ ڀنڀو شيخ ۾ شيخن جي اوطاق تي لڳا، جتان پوليس هڪ ڄڻي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي،  ان حوالي سان ايس ايچ او نور احمد مغيري ٻڌايو ته پيرا کڻائي شڪ جي بنياد تي امداد شيخ جي پٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جاچ ڪريون پيا.