مورو (ن پ ا) مورو شھر جي گلشن مختيار ڪالوني مان 2 ڏينھن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل چئن سالن جي ٻارڙي  انمول منگي جو اڃا تائين ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، جڏهن ته رپورٽ داخل هجڻ باوجود پوليس پڻ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، ٻارڙي جي گمشدگي جي خبر تي صدمي ۾ سندس ڏاڏي فوت ٿي وئي، ٻارڙي جي پيءُ نواب منگي چيو ته سندس ڪنھن سان به دشمني ناهي، خبر ناهي ٻارڙي ڪيئن گم ٿي وئي، ھن وس وارن کي نياڻي جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.