ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو جي فتح واھ لڳ ڳوٺ حاجي عمر زئور ۾ حاجي صديق زئور جي بنگلي تي هٿياربندن  جي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ورتو، اطلاع تي آسپاس جا ڳوٺاڻا وڏي تعداد ۾ پهچي ويا ۽ هٿياربندن جو گهيرو ڪري ورتو، جڏهن ته موقعي تي ڊي ايس پي بٺورو سڪندر ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري پهچي ويئي،جڏهن ته ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي گهيري سبب هٿياربندن ڳالهيون ڪري هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا جنهن بعد پوليس کين گرفتار ڪري وٽانئن جديد هٿيار رائفل ۽ پسٽل هٿ ڪري ورتا آهن، هوڏانهن پوليس اسٽيشن ميرپوربٺورو تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊي ايس پي بٺورو سڪندر ڀٽي ۽ ايس ايڇ او بٺورو غلام شبير دلاواڻي چيو ته ميرپوربٺورو لڳ گهر تي چڙهائي ڪندڙ 8 هٿياربندن ذڪريا چانگ، الطاف خاصخيلي،لياقت جت، گل محمد ملاح، ربڏنو پاڙهيري، امداد چانڊيو، راشد چانڊيو ۽ صدام چانگ کي گرفتار ڪري وٽانئن جديد هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، هن ٻڌايو ته فريادي جي اچڻ تي سندن مرضي موجب ايف آئي آر داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.