نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو، ڪپري موري، ڇتو موري، ٻڍو قمبراڻي ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۾ رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ سان مهانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو. کائڻ پيئڻ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. غريب روزيدار عام واھپي جون شيون خريدڻ کان لاچار بڻيل. واپارين ۽ دڪاندارن هڪ هٽي قائم ڪري سرڪاري ريٽ لسٽ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. مھانگائي عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي، انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو. اهڙي صورتحال ۾ صوف 220 رپيا في ڪلو، ڪيلا 150 رپيا درجن، ڇانهين 60 رپيا في ڪلو، گدرا 50 رپيا، گيھه 250، کنڊ 100، اٽو 70، مڇي 400، ڪڪڙ جو گوشت 500 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. علائقي واسين شاھ محمد باگراڻي، رستم آرائين، غفران لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو ته واپارين هڪ هٽي قائم ڪري کائڻ پيئڻ جي شين جا اگھه ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيا آهن. انتظاميا ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته واپارين کي ريٽ لسٽن مطابق شين جي وڪري جو پابند بڻايو وڃي.