مڱڻي ناهي ٿي، ٿيندي ته ضرور ٻڌائينديس: جنت مرزا

0
855

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پنهنجي مڱڻي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۽ اداڪاره جنت مرزا انسٽاگرام ذريعي اهڙين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، جنت پنهنجي ويجهي دوست ۽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار عمر بٽ سان هڪ فوٽو شيئر ڪيو جنهن تي هن لکيو ته ” اسان جي مڱڻر ناهي ٿي، جڏهن به منهنجي مڱڻي ٿيندي مان پنهنجي مداحن کي ضرور ٻڌائينديس، في الحال اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، ٻئي طرف ٽڪ ٽاڪر عمر بٽ پڻ ان سلسلي ۾ وضاحت ڏيندي چيو ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي.