ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ هسيب مگسي ۾ ڳوٺ مان لڏي وڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي جوابدارن هارپو ڪندڙ عزيز مگسي کي لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب هو رتورت ٿي ويو ۽ سندس ٻانهن ڀڄي پئي، کيس وارثن اسپتال پهچايو ۔ واقعي بابت دلدار ۽ يوسف خلاف ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي .متاثر ڌر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته ڳو ٺ مان لڏائڻ لاءِ تشدد ڪيو ۽ ڌمڪايو پيو وڃي هن چيو ته جوابدارن سان پوليس پڻ ڌر بڻيل آهي هن وس وارن کي انصاف ۽ تحفظ ڌيڻ جي اپيل ڪئي.