ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ويجهو پراڻي تڪرار تان جهيڙو، چڪ هڻي نوجوان جو نڪ پٽي ورتو، زخمي حالت ۾ حيدرآباد ريفر، چئن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ پيراڻي بجير ۾ بجير برادري ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، ان دوران گل محمد پٽ عبدالرئوف چڪ هڻي نوجوان گل حسن پٽ مشتاق بجير جو نڪ پٽي کيس رتورت ڪري ڇڏيو. جهيڙي دوران وڌيڪ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمي گل حسن بجير کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته زخمي نوجوان گل حسن جي وارثن کينسر ٿاڻي تي پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪرايو آهي. کينسر پوليس معمولي زخمي گل محمد بجير کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.