جيڪب آباد: پوليس جي فائرنگ ۾ ٻن نوجوانن جي مارجڻ واري واقعي کان پوءِ پوليس واردات واري هنڌ تان بچي ويل نوجوان بابل جکراڻي کي گرفتار ڪري ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض جي اسڪواڊ واري موبائيل ۾ کڻي اسپتال پهتي، جتي مقتولن جا وارث مڇرجي پيا ۽ ايس ايس پي جي اسڪواڊ واري موبائيل مان نوجوان بابل جکراڻي کي لاھي پوليس کان ڇڏائي ورتو، جڏهن ته ان دوران موجود پوليس اھلڪارن کي گارگند ڪئي وئي پر ايس ايس پي اھڙي عمل تي خاموش تماشائي بڻيل رهيو.