جيڪب آباد: جيڪب آباد پوليس مارجي ويل محمد شير جکراڻي ۽ بچي ويل بابل جکراڻي جو ڏوھي رڪارڊ سامهون آڻي ڇڏيو آهي، ايس ايس پي جيڪب آباد جي ترجمان پنهنجي پريس رليز ۾ ڄاڻايو آهي ته فرار ٿي ويل بابل جکراڻي تي ست ڪيس مختلف ٿاڻن تي داخل ٿيل آهن، جڏهن ته پوليس ھٿان مارجي ويل محمد شير جکراڻي چئن ڪيسن ۾ گھربل ھو، پوليس پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ٽئي نوجوان سي آءِ اي پوليس جي چيڪنگ پوائنٽ کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته مددگار سينٽر وٽ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ جوابدار بختيار جکراڻي ۽ محمد شير جکراڻي پنهنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، جڏهن ته فرار ٿيل بابل جکراڻي جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. آخري اطلاعن موجب مارجي ويل بختيار جکراڻي، محمد شير جکراڻي ۽ فرار ڄاڻايل بابل جکراڻي مٿان سول لائين ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس اھلڪار مجيب جکراڻي مٿان جوابدار بابل جکراڻي کي فرار ڪرائڻ جو الزام پڻ لڳايو ويو آهي.