جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) جيڪب آباد ۾ پوليس پاران موٽرسائيڪل نه بيھارڻ تان نوجوانن مٿان انڌاڌند فائرنگ، ٻه ڳڀرو نوجوان مارجي ويا، ھڪ بچي ويو، خبر موجب سول لائن ٿاڻي جي حد پيچوها ڦاٽڪ وٽ موجود پوليس اھلڪارن موٽرسائيڪل کي ھٿ ڏئي بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته موٽرسائيڪل سوارن پاران نه بيھڻ تي پوليس سندن پيڇو ڪندي ون فائيو مددگار وٽ پويان انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب بختيار جکراڻي ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته محمد شير جکراڻي سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس جي اضافي نفري واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال آندو، جڏهن ته بچي ويل نوجوان بابل جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو، اطلاع تي مقتول ۽ زخمي نوجوان جا وارث وڏي انگ ۾ اسپتال پھچي ويا، جتان زخمي ٿيل نوجوان محمد شير جکراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي ھن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، پوليس اھلڪارن جي فائرنگ ۾ بچي ويل نوجوان بابل جکراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ کان شھر طرف اچي رھيا ھئاسين ته ون فائيو مددگار وٽ پوليس اهلڪارن پويان کان انڌاڌند فائرنگ ڪئي، ھن چيو ته پوليس اسان مٿان بغير ڏوهه جي فائرنگ ڪئي، واقعي جو اڻڌري جاچ ڪرائي ملوث پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي.