ھتي اڄڪلھه ريسٽورينٽس ۽ گھرن ۾ مٽي جي سھڻن نقش و نگارن وارن ٿانون جي  استعمال جو فيشن آھي، مون کي ھونئن به  مٽي جا ٿانو وڻندا آھن، خوبصورت گلاس، ھاٽ پاٽ، رڌ پچاءَ جون ديڳڙيون، ڪوپ، پيالا  ڏسي دل پئي چاھيو ھڙئي وٺي ڇڏيان،  پڇائي نيٺ پکين جي لاءِ پاڻي  جون پاٽڙيون وٺڻ لاءِ ھن   دڪان تي پھتس جيڪو گولڙا شريف ۾ آھي، پاٽين سان گڏ گلاس به  ورتم ته  دل کي راحت ملي، ھي شايد مٽي تي گلن جو ڪم ڇاپي سان ڪن ٿا جيڪوڏاڍو سھڻو لڳي ٿو. (گلشن لغاري جي فيس بوڪ وال تان ورتل)