سڀ کان پھريان آئن اسٽائن پنھنجي ڪيلڪيوليشنز جي حساب سان اڳڪٿي ڪئي ھئي خلا ۾ تمام وڏا ڪي ڪارا جسم ضرور آھن جن جي ڪثافت تمام وڏي آھي. ان کانپوءِ 1967 ۾ آمريڪا جي ھڪ فلڪيات سان جان وھيلر انھن ڪارن جسم جو پتو لڳايو جن کي بليڪ ھول چيو وڃي ٿو. اسپيس سائنس جي ھڪ ميگزين جي مطابق 1971 کان اڳ بليڪ ھول صرف ٿيوريٽيڪل حيثيت رکندا ھئا پر 1971 کانپوءِ انھن کي فزيڪل طور محسوس به ڪيو ويو ۽ 2019 ۾ انھن جي پھرين تصوير ورتي وئي، انکانپوءِ ملڪي وي ڪھڪشان جي بليڪ ھول جي تصوير به ورتي وئي جيڪا 12 مئي تي لائونچ ڪئي وئي، (محمد اسلم جي فيس بوڪ وال تان ورتل)