مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۽ ڀرپاسي بدبودار پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرض ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ٻارڙن سميت 20 مريض سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا. ان ڏس ۾ مختلف علائقن مان آيل متاثرن ۾ ھڪ سال جي مسڪان، 3 ورهين جو علي حسن، 8 مھينن جي عائشا، 8 سالن جي مجيدان، اڍائي سالن جو طارق، 3 سالن جو شاھنواز، 21 سالن جو رميش، 50 سالا پٺاڻي، 45 سالن جو سوڀو، 30 سالن جي عاصمه، 70 سالن جي گل مير ۽ 40 سالن جي عائشه شامل آھن، جن جو مٽياري اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب متاثر مريض گيسٽرو نه پر ڊائريا جو شڪار آھن، جيڪو بدبودار پاڻي پيئڻ سبب ٿئي ٿو. هتان جي رهواسين چيو آهي ته اسان کي صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ ڪري بيمارين منهن ڪڍيو آهي، گندو پاڻي واپرائڻ سبب اسان بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهيون، انتظاميا کي جلد صاف پاڻي جي فراهمي جو بندوبست ڪرڻ گھرجي.