ٽنڊوڄام (ن پ ا ) اريگيشن سب ڊويزن تاجپور جي کوکر شاخ ۽ تاجپور شاخ جي ننڍن آبادگارن طالب حسين ڪليري، نظير ڪليري، غلام فريد، منجي ڪولھي، دلو ڪولھي، ٻيجل ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سب ڊويزن تاجپور جي ايس ڊي او سلطان نارائي پاران آبپاشي پاڻي نہ ڏيڻ خلاف ٽنڊوڄام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ تاجپور سب ڊويزن جو ايس ڊي او سلطان نارائي شاخن تي موجود سرڪاري ملازمن کي گھر ويھاري انھن جي جاءِ تي پنھنجا ذاتي خانگي ماڻھو رکيا آهن، جيڪي ننڍن آبادگارن کي پاڻي پئسن تي وڪرو ڪن ٿا. جڏهن تہ اسان کي آپباشي کاتي جي قانون مطابق منظور ڪيل پاڻي بہ نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏهن اسان پنھنجي واري جو پاڻي کوليون ٿا تہ ايس ڊي او جا مقرر ٿيل پرائيويٽ ماڻھو هٿيارن جي زور تي مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ اسان جو پاڻي بند ڪريو ڇڏين، باخبر ذريعن مطابق ايس ڊي او سلطان نارائي هڪ حڪومتي بااثر شخصيت جو انتھائي ويجھو آهي، جنھن سبب کيس سرويئر هوندي ايس ڊي او جي پوسٽ ڏني وئي آهي.