حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس پاران اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي بخش علي چاچڙ، عبدالهادي، عبدالغفار لغاري، نثار کوسو، انصاف لاشاري، جاويد پيرزادو ۽ ٻين چيو ته آل گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس پاران حڪومت کي ڏنل مطالبا اڃا تائين پورا نه ڪيا ويا آهن جنهن سبب ملازمن ۾ سخت پريشاني واري صورتحال ڇانيل آهي. هنن چيو ته حڪومت کي پيش ڪيل چارٽر آف ڊمانڊ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ملازمن کي 25 سيڪڙو الائونس، سرڪاري ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، ملازمن لاءِ سرڪاري هائوسنگ اسڪيم، اڌر ڪيڊر استادن کي مستقل ڪرڻ جا مطالبا شامل آهن پر حڪومت اڃا تائين سندن ڪنهن به مطالبي کي تسليم ناهي ڪيو جنهن سبب ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا حل نه ڪيا ويا ته عيد کانپوءِ ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس تائين ڀرپور نموني احتجاج ڪندا.