گمبٽ (ن پ ا) ٻه سال اڳ گمبٽ ٿاڻي تي سينيئر صحافي حاڪم ڀٽي، ضمير ڀٽي ۽ استاد مختيار ڀٽي تي اجمل لاشاري پاران داخل ڪرايل ڌمڪين واري ڪيس جو سيڪنڊ سول جج روبينا ڀٽو جي عدالت فيصلو ٻڌائيندي سڀني کي آجو قرار ڏنو، صحافي حاڪم ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ اجمل لاشاري ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪرايو هو گمبٽ جي عدالت سيڪنڊ سول جج روبينا ڀٽو فيصلو ٻڌايو ته ڪيس ۾ ڌمڪيون ثابت نه ٿيڻ تي ڪيس کي خارج ڪجي ٿو. صحافي حاڪم ڀٽي چيو حق سچ جي فتح ٿي آهي.