مٽياري (رپورٽر) پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ڪار کيبر لڳ قومي شاهراهه تي ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب هڪ عورت سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کين طبي امداد ڏيئي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ مسمات نسيم، سقلين ۽ سبطين عباسي شامل هئا.