سن (ن پ ا) سن ۾ سيد برادري پاران نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو پير نبي شاھ، پير محمد شاھ ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينهن اڳ رات جي وقت پنج ڪارسوارن جن ۾ اختر سومرو ، گل سومرو ، بابو سومرو ۽ ٻين اسان جي 15 ورهين جي نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان رڙيون دانهون ڪيون جنهن تي پاڙي واري گڏ ٿي ويا انهن کي ڏسي نوجوان کي ڪار ۾ وجهي کڻي ويا جنهن کي سخت تشدد ڪرڻ کان پوء ان کان روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ڇڇر ٿاڻي اڳيان ڇڏي فرار ٿي ويا ، جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڦر ڪيل روڪ رقم ۽ موبائيل فون واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪائينداسين.