مٽياري (رپورٽر) ڳوٺ رحيم منگواڻو جي رهواسڻ مسمات سڪينه ابڙو منگواڻو پنهجي ڏير ۽ بااثر وڏيري خلاف عدالت پهتي جنهن بعد مسمات سڪينه ابڙو منگواڻو عدالت ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته منهجو مڙس ابڙو منگواڻو ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي ويو هو، جنهن جي زرعي زمين آهي جنهن تي هن جي مرڻ بعد منهجي ڏير اسانجي زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو هو جيڪو ڪيس مون عدالت مان کٽي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ منهجو ڏير ۽ ڳوٺ جا وڏيرا منھجا جاني دشمن بڻجي ويا آهن، هن الزام هڻندي چيو ته منهجي مڙس جو ڀاءُ آچر ۽ سندس پٽن اسانجو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو، گهر ۾ داخل ٿي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مختلف بهانن سان مارڻ جو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن منهجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، مسمات سڪينه چيو ته مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پوليس وٽ به ڪافي ڀيرا وئي آهيان پر ڪو تدارڪ نه ٿو ٿئي. بيواهه آهيان ڌر ڌر ڌڪ کائي رهي آهيان راتيون خوف ۾ گھاريان ٿي هاڻ ته ڏير گهر خالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي. هن ايس پي مٽياري کي اپيل ڪئي آهي ته کيس ڌمڪيون ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.