مٺي: توهين مذهب ڪيس: جوابدار عبدالسلام کي متاثر ڌر معاف ڪري ڇڏيو!!

0
363
گرفتار جوابدار عبداسلام ابو دائود
مٺي ۾ توهين مذهب واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالسلام ابو دائو ضمانت تي آزاد

مٺي: مٺي ويجهو نوجوان کي تذليل، تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ توهين مذهب ڪيس ۾ گرفتار عبدالسلام ابودائود کي متاثر نوجوان مڪيش ڀيل جي گهروارن معاف ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار عبدالسلام جي گهرواري متاثر نوجوان جي گهر پهچي معافي طلب ڪئي، جنهن تي متاثر ڌر جي گهروارن کيس مان ڏيندي جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.