نيون پابنديون: سڀاڻي کان سنڌ ۾ ڇا کليل ڇا بند رهندو؟

0
244
عدالت ايس او پيزجي ڀڃڪڙي
نيون پابنديون: سڀاڻي کان سنڌ ۾ ڇا کليل ڇا بند رهندو؟

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران جزوي ڪال ڊائون جو اعلان ڪندي نين پابندين جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ صرف خدمتن وارا ادارا کليل رهندا، باقي بند هوندا. ٽرانسپورٽ بند هوندي، صرف ويڪسين لاءِ ٽرانسپورٽ جو استعمال ٿيندو. ميڊيڪل اسٽور، ڪريانه اسٽور، اسپتالون، پيٽرول پمپ کليل رهندا. کاڌي پيتي جا دڪان، ايڪسپورٽ، بئنڪون گهٽ اسٽاف سان، پورٽ کليل، اسٽاڪ ايڪسچينج، گروسري، بيڪري شام 6 وڳي تائين کليل رهندا. ريسٽورينٽ ٽيڪ اوي بند صرف هوم ڊليوري کليل هوندي.