ميھڙ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي: سردار ڪيس کان ڀڄي رھيا آھن: ام رباب چانڊيو

0
584

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اُم رباب چانڊيو جي گهرڀاتين جي قتل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ اُم رباب  چانڊيو جي گهرڀاتين جي قتل  بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

ايم پي ايز ڀائرن سردار خان چانڊيو ۽  برهان چانڊيو جا وڪيل پيش نه ٿيا، ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آھي

ان سلسلي ۾ ام رباب چانڊيو جو چوڻ ھو تھ ڪيس جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي  ٿي آهي، مخالفن جي وڪيلن جو فرض  آهي ته اهي پيش ٿين

سردار ڪيس کان ڀڄي رھيا آھن، اسان ايندڙ ٻڌڻي تي به پيش ٿينداسين،  عدالت مان انصاف جي اميد  آهي، انصاف لاءِ دربدر آھيان، ھر ٻڌڻي تي پيش ٿيان ٿي

ھن چيو تھ سردارن کي خوف آھي تھ مان ھنن کي سزا ڏياريندس ان جي ڪري ھو عدالتن کان ڀڄي رھيا آھن، مان ھنن جي وڪيلن کي گذارش ڪيان ٿي تھ اچو ڪيس ھلايو

ھي به پڙھندا

ميھڙ واقعي جي ٻڌڻي نه ٿي: ٽرائل نه هلڻ توھين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو: ام رباب