لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نادر ابڙو) سون مهانگو ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي ۾ ڪاروبار گهٽجڻ ڪري دڪاندار توڙي ڪاريگر پريشان آهن.سونارڪو دڪان هلائيندڙ فيروز ڀٽو، خرم کچي، اڪبر کوکر جو چوڻ ھو ته سون جون هر روز قيمتون وڌڻ ڪري اسانجو ڪاروبار نه رهيو آھي.ڏيڍ لک کان وڌيڪ في تولي جي رقم پهتل آھي، جيڪو عام ماڻهو جي خريد ڪرڻ جي وس جي ڳالھ نه آھي، خريدار صرف اگھ پڇي واپس هليا وڃن ٿا جنهن ڪري ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي دڪانن جا ڪرايا 50 هزار کان لک تائين آھن بجلي مهانگي هجڻ ڪري قرضي ٿي ويا آھيون مجبور ٿي ڪري چپلن پرچون توڙي ٻيا ننڍا ڪاروبار سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون هنن وفاقي سرڪار کي اپيل ڪئي ته ملڪ مان مهانگائي گهٽائي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.ٻئي طرف سون جي ڪاريگرن محمد علي شيخ، علي نور مڱڻ، وسيم شيخ، منير چنو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سون مهانگو ٿي وڃڻ ڪري عام ماڻھون شادين توڙي عام زندگي ۾ سونا زيور گهٽ ٺھرائي رهيا آھن خاص طور تي بازارن ۾ سون جي خريداري لاء ايندڙ گراهڪ سون مهانگو هجڻ ڪري آرٽيفيشل زيور خريد ڪري وڃن ٿا جنهن ڪري اسانجو گذر سفر ڏکيو ٿيڻ سان گڏ دڪان مالڪن جا قرضي ٿي ويا آھيون اسان جاٻچڙا  بکون ڪاٽي رهيا آھن ڪيترائي سال ڪاريگري ڪئي آھي هن وقت ٻي مزدوري ڪرڻ ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آھن. ان سلسلي ۾ سونارڪي بازار ۾ ايندڙ قادر بخش سولنگي ياسر ٻرڙو حفيظ جوڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سون جو اگهه آسمان سان لڳو آھي جيڪو اسانجي خريد ڪرڻ   وس جي ڳالهه نه آھي صرف اگھ پڇا ڪري واپس موٽي اچون ٿا انهن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته شادين توڙي ٻين خوشين جي موقعي تي  آرٽيفيشل زيور وٺي رسمون پوريون ڪريون ٿا هنن وفاقي سرڪار کي اپيل ڪئي ته ملڪ مان مهانگائي گهٽائي عوامي پالسيون جوڙي عام ماڻھن کي روزگار جو وسيلو ڏنو وڃي.