ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي واري بل کي اظهار جي آزادي مٿان حملو قرار ڏيندي مذمتي ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو، سڌ سماءَ جي صوبائي وزير سعيد غني پاران پيش ڪيل اهڙي ٺهراءَ جي پي ٽي آءِ مخالفت ڪئي، جڏهن ته پ پ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين پارٽين حمايت ڪئي، ٺهراءَ پيش ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته وفاقي سرڪار مارشل لائن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ چاهي ٿي پر اسان کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڊڪٽيٽر يحييٰ کان وٺي مشرف تائين سمورن ڊڪٽيٽرن جا اهڙا خواب چڪنا چور ٿيندا رهيا آهن، هاڻ به کين ڪاميابي نه ملندي. صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ميڊيا اٿارٽي وارو بل پاڪستان اندر صحافين ۽ ميڊيا ادارن مٿان مارشل لا مڙهڻ جي برابر آهي، اسان اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سعيد غني اسڪولي ڊيسڪن جي خريداري واري معاملي تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته انهي معاملي جي باقاعده جاچ ٿيڻ گهرجي، انهي سان هٿرادو پيدا ڪيل شڪ ختم ٿيندا، هن چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي تمام گهڻي کوٽ آهي، هاڻي تعليم واري وزارت سردار شاهه وٽ آهي.اسان کي فرنيچر وٺڻو آهي، ڊيسڪن جي خريداري بابت جيڪي به خدشا آهن انهن جي جاچ ڪري حقيقت عوام سامهون اچڻ گهرجي. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ميڊيا اٿارٽي بل بابت چيو ته اسان ڪو اهڙو ڪم نه ڪري رهيا آهيون، جنهن سان ميديا جي آزادي تي پابندي لڳي، جنهن تي سعيد غني چيو ته ميڊيا اٿارٽي جي ميڊيا جي تنظيمن ۽ حڪمران جماعتن جي اتحادين به مخالفت ڪئي آهي، وفاقي حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي جو ماحول ٺاهي رهي آهي، انهي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آندي پئي وڃي، ، جيڪي ادارا آئين تحت ڪم ڪن ٿا، انهن خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، ڪڏهن ميڊيا ته ڪڏهن وري عدليه خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته هاڻ ميڊيا ڊسٽرڪشن اٿارٽي ٺاهي پئي وڃي، بدترين آمراڻي دور ۾ به پريس گيلري کي تالا نه لڳا، اسيمبلي ميمبرن جي تقريرن بعد اسپيڪر ميڊيا اٿارٽي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتو. جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار مختلف بار ڪائونسلز کي ڏنل فنڊز ۽ زمين جي الاٽمينٽ بابت آگاهي وٺڻ لاءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، هن چيو ته سنڌ جي سمورين بارز کي هائوسنگ سوسائٽي لاءِ زمين ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن، جنهن تي پارلياماني سيڪريٽري گهنور اسراڻ جواب ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت تازو سنڌ هاءَ ڪورٽ بارڪراچي، ڪراچي ڊسٽرڪٽ بار ۽ ٺٽو بار ايسوسيئيشن کي زمين، جڏهن ته مختلف ايسوسيئيشنز کي 250 ملين روپيا گرانٽ ڏني آهي، وڪيل برادري جي ڀلائي لاءِ هڪ به بل پاس ڪنداسين، جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار صوبي ۾ بدامني ۾واڌ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، هن چيو ته صورتحال ايتري خراب آهي جو نياڻين کي اغوا ڪري ساڻن زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون، ڪيتريون متاثر نياڻيون ٿاڻن تي رپورٽ ئي داخل نه ٿيون ڪرائين، لاڙڪاڻي، بي نظيرآباد ۽ حيدرآباد ۾ ڦرن ۽ قتل جا واقعا وڌي ويا آھن، سنڌ ۾ 70 هزار مفرور ڏوهاري آهن، ڄامشوري جي پوليس آفيسر کان منشيات هٿ آئي پر هو هڪ بااثر جو ڀاءُ آهي، سنڌ ۾ ڪو گهرو وزير ناهي، اسان اپوزيشن وارا توهان کي گهرو وزير ڏيڻ لاءِ تيار آهيون جيڪو پگهار به نه وٺندو. جنهن تي صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ماڻهن کي گهرو وزير بڻجڻ جو شوق آهي، ڪيترن سوٽ به سبرائي ڇڏيا آهن، تيل مهانگا ٿيندا ته پوءِ ماڻهو ائين ئي ڪندا، وفاقي سرڪار 62 سئو رپيا في ٻوري جي حساب اسان پرڏيهه مان اهڙي ڪڻڪ گهرائي رهي آهي، جيڪا کائڻ جي لائق ناهي، امن امان تي سنڌ حڪومت سنجيده آهي، سنڌ پوليس جي قربانين کي به وسارڻ نه گهرجي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ايم پي اي شميم ممتاز ڪاميڊين عمر شريف جي صحتيابي لاءِ دعا گهرائي، متحده ايم پي اي محمد حسين پاران سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي سيڪريٽري جي صحتيابي لاءِ دعا گهرائي وئي، جڏهن ته پ پ ايم پي اي سعديه جاويد پاران سينئر صحافي نذير خان جي لاڏاڻي تي مغفرت جي دعا گهرائي وئي.