ڊگهي قد واري نصير سومري جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان!

0
348
ڊگهي قد واري نصير سومري

ڪراچي: ملڪ جي ڊگهي قد واري همراهه نصير سومري جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

صحت کاتي پاران نجي اسپتال کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 51 ورهين جو نصير سومرو ڦڦڙن جي پراڻي مرض ۾ مبتلا آهي، جنهن کي فوري طور تي علاج جي ضرورت آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته نصير سومري جو مڪمل علاج سرڪاري خرچ تي ڪيو وڃي. واضع رهي ته نصير سومرو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا آهي، هو دنيا جو ٻيو نمبر ڊگهي قد وارو شخص آهي.