ميٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران شوبز ۾ انٽري ٿي: اقرا عزيز

0
242

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي ڀلوڙ اداڪاري اقرا عزيز چيو آهي ته ميٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران شوبز ۾ انٽري ٿي. هڪ انٽرويو ۾ اقرا عزيز ٻڌايو ته اداڪاري جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، ان وقت ڪا ڄاڻ به نه هئي. هن چيو ته امان جي ساڙهي پائي ميڪ اپ ڪري شيشي آڏو انڊين ڊرامن جا نقل ڪندي هيس. هن چيو ته اسان جي خاندان جو اهو چوڻ هوندو هو ته ڌيءُ اداڪاري ڪرڻ چاهي ٿي اها سندس خواهش آهي ۽ هو ان کي پورو ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته جڏهن پهريون ڀيرو شوبز انڊسٽري ۾ آيس ته مونکي ڪابه ڄاڻ نه هئي، اهو به معلوم نه هو ته ماڻهو ان بابت ڇا سوچين ٿا خراب سوچين ٿا يا صحِيح پر منهنجي ڪوشش هئي ته ڪامياب ٿيان.