ناديا حسين جي ڌيئرن سان گڏ ڊانس: وڊيو وائرل

0
206

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ناديا حسين جي ڌيئرن سان گڏ ڊانس واري وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماڊل ۽ اداڪارا ناديا حسين خاندان جي هڪ شادي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ناديا حسين ڌيئرن سان گڏ “شڪر ونڊا ري” گاني تي ڊانس ڪئي. اداڪارا پنهنجي اها ڊانس وڊيو انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي جنهن بعد صارفين پاران دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن. جڏهن ته وڊيو کي هن مهل تائين هڪ لک کان وڌيڪ لائيڪس ملي چڪا آهن.