عائزا خان به ماڌوري جي مداح نڪتي، ملڻ جي خواهشمند

0
227

لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا عائزا خان به ڀارتي اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ جي مداح نڪتي ۽ ساڻس ملڻ جي خواهشمند آهي.اداڪارا فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ماڌوري ڊڪشٽ جهڙو روپ اختيار ڪندي پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، اهي تصويرون عائزا جي نئين پراجيڪٽ ”لاپتا“ تان ورتيون ويون آهن، جنهن لاءِ عائزا خان ماڌوري جي هڪ مشهور گاني ”ايڪ دو تين“ مان ان جو روپ اختيار ڪيو آهي.ان کانسواءِ عائزا خان ماڌوري جي هڪ اصل تصوير به انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي ۽ لکيو آهي ته جيئن مان ماڌوري جو نالو ٻڌندي آهيان ته منهنجي دماغ تي فوري طور ”ايڪ دو تين“ ۽ ”ديو بابو“ اچي ويندو آهي.اداڪارا، ماڌوري جي تعريف ڪندي لکيو ته جڏهن توهان ان ڏانهن ڏسندا آهيو ته توهان کي لڳندو آهي دل تو پاگل هي.عائزا خان پراڻي يادن کي تازو ڪندي لکيو ته اهو وقت ڪيڏو نه وڻندڙ هو، جڏهن ماڌوري سان ملڻ ۽ ڊانس ڪرڻ جو موقعو مليو هو.هن لکيو ته ماڌوري اهڙي حيرت انگيز ڊانسر ۽ حيرت انگيز اداڪارا آهي، جيڪا رڳو اکين ۾ ڳوڙها آڻڻ سان توهان جي دل کي لوڏي سگهي ٿي.عائزا خان ماڌوري سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪندي چيو ته ان جهڙا ڪپڙا پائڻ جي اهل ٿيڻ خواب هو، منهنجي خواهش آهي ته مان ساڻس ملاقات ڪيان ۽ انکي ٻڌايان ته هوءَ ڪيتري خوبصورت آهي ۽ هوءَ منهنجي سڄي ڪيريئر ۾ مون لاءِ مثال ڪيئن رهي.