ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان واهه ۾ وهنجندي 6 ورهين جو نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ميھڙ ڀرسان ڳوٺ نور پور ۾ 6 ورھين جو معصوم نينگر مولاداد ڳوٺ ڀرسان مهيسر واه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو اطلاع وارث پهچي ٻن ڪلاڪن جي ڳولا کان پوء معصوم نينگر جو لاش واه مان ڪڍي گهر آندو ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو فوتي معصوم کي ڪالهه شام دير سان مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي.