ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ جمعا خان سولنگي ۾ اوچتو باهه لڳڻ جي سبب 5 پورهيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا. ڳوٺاڻن جي گھرن کي باهه بجلي جي تارون مان لڳي جيڪا ڏسندي ڏسندي پنج گھرن کي وڪوڙي وئي باهه سبب گھر اندر بيٺل مينهن ڍڳي ۽ چار ٻڪريون به سڙي زخمي ٿي ويون آهن. جڏهن ته گھر جو پيل سامان اناج مال جو بهه کٽون، هنڌ، بسترن سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو باهه متاثر ڳوٺاڻن ۾ نيڪ محمد، عمران، ارشاد سولنگي، محمد ياسين، حمزو سولنگي جا گھر سڙي رک ٿي ويا. متاثرن ٻڌايو ته فائر برگيڊ کي بر وقت اطلاع ڪيو ويو پر فائر برگيڊ وقت تي نه پهچي سگھي. هنن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو، متاثر ڳوٺاڻا هن وقت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. ھنن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي.