ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ پوليس پوسٽ قاضي عارف جي موبائل نمبر ايس پي ايف 400  آفيسرن جي گهر جو سامان  ڍوئڻ ۾ مصروف آھي، ان ڏس ۾ شهر جي  قاضي عارف پوليس پوسٽ کي مليل پوليس موبائل ۾ آفيسرن جو کٽون، ايئر ڪنڊيشن ۽ ٻيو سامان کڻڻ واري ويڊيو وائرل ٿي وئي آھي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس موبائل ۾ گهرو استعمال جو سامان کنيو پيو وڃي. ھوڏانهن رابطو ڪرڻ تي   پوليس پوسٽ قاضي عارف جي انچارج  مير آرائين چيو ته اها موبائل اسان جي ناهي، اسان کي ان بابت ڪابه خبر ناهي.