هالا ۾ مخدوم هائوس ۽ مٽياري عوامي اتحاد سرگرم

0
298
هالا ۾ مخدوم هائوس

هالا (ن پ ا) هالا ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ مخدوم ۽ مٽياري عوامي اتحاد سرگرم. اڳوڻي وائيس چيئرمين مخدوم هائوس کان بغاوت ڪندي عوامي اتحاد ۾ شموليت ڪري ڇڏي

خبر موجب مخدوم هائوس سان لاڳاپيل ۽ ميونسپل ڪميٽي هالاجي اڳوڻي وائيس چيئرمين عيساڻي برادري جي معزز شخصيت/ نوراحمد عيساڻي ميمڻ، پنهنجي پٽ ايڊووڪيٽ شاهنواز ميمڻ سميت پنهنجي برادري ۽ علائقي واسين سان گڏ ماشاءَ الله هائوس هالا ۾ اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير احمد ميمڻ ۽ سندس ڀاءُ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ نصير احمد ميمڻ سان ملاقات ڪندي کين مٽياري عوامي اتحاد ۾ پاڻمرادو شموليت جو اعلان مڪاني چونڊن ۾ هالا جي 16 وارڊن ۾ سندن اميدوارن جي مڪمل حمايت سان گڏ انهن اميدوارن جي چونڊ مهم هلائيندي سندن ورڪ ڪرڻ جو يقين ڏياريو

ان موقعي تي مخدوم هائوس سان بغاوت ڪري عوامي اتحاد ۾ شموليت ڪندڙ اڳوڻي ميونسپل جي وائيس چيئرمين نوراحمد عيسائي ميمڻ روزانه پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هنن پنهنجي سموري زندگي مخدوم هائوس سان گڏ گذاري جڏهن ته سندس وائيس چيئرمين جي دور ۾ کيس استعمال ڪيو ويو جنهن تي ڳالهائڻ ۽ ڪافي دفعه مخدوم جميل الزمان آڏو شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جون دانهون ڪرڻ کيس زبردستي چپ ڪرايو ويندو هو جنهن کان تنگ ٿيندي احتجاجن آفيس ۾ ويهڻ پڻ ڇڏي ڏنو

هن چيو ته مخدوم هائوس ۾ شهر جي عوام جي ڪا به عزت ناهي هوندي اتي صرف ۽ صرف ڪرپشن ڪندڙن جي اهميت ٿيندي آهي اڄ هالا جي هڪ ايماندار، بهادر شخصيت بشير احمد ميمڻ سان ملاقات ڪندي ساڻن گڏ هلڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

آر اوز وڏي وزير نه اليڪشن ڪميشن مقرر ڪيا آهن: جميل سومرو